سُوئا/ سُوا

سُوئا/ سُوا

سُوئا سُوا

سُوئا/ سُوا (Dill): سوئا، سونف جهڙو هڪ ٻوٽو آهي، جنهن جا پن سونفن کان ننڍا ۽ گُل، سونهن وانگر ڇٽيءَ نما ٿين ٿا. سوئا کي اردوءَ ۾ سوئا، انگريزيءَ ۾ Indian Dill seed ۽ لاطينيءَ ۾ Anethums Sowa چوندا آهن. هن جو اصلي وطن ڏکڻ يورپ آهي. ان کانسواءِ ايشيا ۾ عام پوکي وڃي ٿي. هندستان ۽ پاڪستان ۾ هن جي ڀاڄيءَ جي فصل طور پوک ٿئي ٿي. سوئا جي ٻج مان عرق ڪڍي هاضمي جو شربت تيار ڪبو آهي، جيڪو پيٽ جي آڦريءَ ۽ سـوڄ کي فائدو ڏئي ٿو. سوئا، ڀاڄـين ۽ چانـورن ۾ مصالحي طور ڪم ايندي آهي ۽ انهن کي خوشبودار بنائيندي آهي. گوشت رڌڻ وقت سوئا وجهبي آهي ته گوشت جي بوءِ ختم ٿي ويندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو